ميشا شفيع جي آمريڪي فلم ”مستش“ جي پهرين جھلڪ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ڳائڻي ميشا شفيع جي پهرين آمريڪي فلم ”مستش“ جو فرسٽ لڪ جاري ڪيو ويو آهي.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ميشا شفيع انٽرنيشنل فلم مستش جي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ حجاب ۾ نظر اچي رهي آهي.ميشا شفيع لکيو ته ”مان اهو اعلان ڪندي ڏاڍي پرجوش آهيان ته اسان جي محنت سان حاصل ڪيل فلم کي هن سال SXSW ۾ نيريٽو فيچر مقابلي لاءِ چونڊيو ويو آهي. هن پنهنجي ٽيم جي واکاڻ ڪندي فلم جي ڪاسٽ ۽ پروڊيوسر کي به ٽيگ ڪيو آهي. فلم جي پاڪستاني نزاد ڊائريڪٽر عمران جي خان پڻ انسٽاگرام پوسٽ شيئر ڪندي ايس ايڪس ايس ڊبليو فلم فيسٽيول پاران فلم جي نامزدگي تي خوشي ۽ شڪر گذار جو اظهار ڪيو آهي.فلم جي ڪهاڻي 13 سالن جي پاڪستاني ڇوڪرو ۽ سندس پاڪستاني والدين جي چوڌاري گهمي رهي آهي، ميشا شفيع ڇوڪر جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، فلم ۾ 1990ع واري آمريڪي زندگي ۽ اتي جي مسلمانن جي حالتن کي ڏيکاريو ويو آهي.اهو اڃا واضح ناهي ته فلم ڪڏهن رليز ٿيندي، پر خيال ڪيو پيو وڃي ته فلم کي ڪجهه ٻين فيسٽيولن ۾ نمائش کان پوءِ هن سال جي آخر تائين او ٽي ٽي پليٽ فارم تي رليز ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو