مير رضا ڪيس، 6 ڊي اين اي نمونا ليبارٽري منتقل

مير رضا ڪيس، 6 ڊي اين اي نمونا ليبارٽري منتقل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): مير رضا ڪيس ۾ جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي، نئين جاچ ٽيم جي ميمبر ايس ايس پي علي رضا واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري اهم تفصيل حاصل ڪيا آهن، جڏهن ته ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ 6 نمونا به ليبارٽري پهچي ويا آهن.مير رضا جي وارثن سان گڏ ايس ايس پي علي رضا گلستانِ جوهر ۾ ان هنڌ پهتو، جتي مير رضا جي لاش هٿ آئي هئي. دوري دوران ايس ايس پي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ لاش جي نشاندهي ڪندڙ مالهي کان پڻ تفصيل معلوم ڪيا.ٻئي طرف مير رضا جي سڃاڻپ ۽ ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ جا 6 نمونا جامعہ ڪراچي جي ليبارٽري کي ملي ويا آهن. ذريعن موجب انهن مان 4 نمونا مير رضا جي لاش جا، جڏهن ته 2 نمونا سندس والدين جا ريفرنس سيمپل آهن، جن جي بنياد تي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان ڪيس جي جاچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو