ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيشنل پارٽي جو اڳواڻ سينيٽر مير حاصل خان بزنجو 60 سالن جي ڄمار ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر وگهي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ترجمان موجب مير حاصل بزنجو جي اڄ طبعيت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب کيس نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. مير حاصل بزنجو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا هو. مير حاصل بزنجو وفاقي وزير به رهي چڪو .هو 1990 ۾ خضدار مان ايم اين اي چونڊيو، ٻيهر 1997 ۾ به هو ساڳئي تڪ مان ايم اين اي چونڊيو ويو هو. 2009 ۽ 2015 ۾ نيشنل پارٽي جي ٽڪٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو. هو مير غوث بخش بزنجو جو فرزند هو. سندس لاڙو مسلم ليگ (ن) طرف رهيو. سندس وفات تي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ ڏک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت جي دعا ڪئي آهي. سندن چوڻ هو ته مرحوم سچو جمهوريت پسند سياستدان هو.










