ميرپورخاص ۾ ناري قتل، حملي آور به خودڪشي ڪري ڇڏي

ميرپورخاص ۾ ناري قتل، حملي آور به خودڪشي ڪري ڇڏي

ميرپورخاص )ن س) علائقي ڪريم ٽائون ۾ فائرنگ، نوجوان ڇوڪري مارجي وئي، حملي آور به خودڪشي ڪري ورتي، عورت زخمي ميرپورخاص شهر ۾ فيضانِ مدينه مرڪز ڪريم ٽائون ويجهو اڳوڻي صحافي ماڻڪ لغاري جي گهر ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ماڻڪ لغاري جي ڌي 24 سالن جي سويرا مارجي وئي، جڏهن ته سندس ماءُ 50 سالن جي غلام خاتون گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي. ذريعن موجب، رحيم نگر ۾ سولر شاپ هلائيندڙ 22 سالن جي فيضان، گهر ۾ داخل ٿي سويرا تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سويرا موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ماءُ به گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي. واقعي کان پوءِ، حملي آور فيضان مبينا طور تي پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻي خودڪشي ڪئي. فيضان جو لاش به گهر ۾ موجود هو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي فوت ٿيل ڇوڪري، حملي آور جي لاش ۽ زخمي عورت کي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پر فائرنگ جو فوري سبب ظاهر نه ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي جي مقصد ۽ ٻين پهلوئن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو