راولپندي (نيوز ڊيسڪ): نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ ميجر طفيل محمد شهيد جي اڄ 68هين ورسي ملڪي وقار سان ملهائي پئي وڃي، جنهن موقعي تي مسلح فوج جي سربراهن کيس زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب ميجر طفيل محمد شهيد دشمن خلاف ڪارروائيءَ جي اڳواڻي ڪندي غيرمعمولي بهادري ۽ ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪيو. هن شديد زخمي ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي مشن کي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو. سندس اها بي مثال قرباني ۽ حب الوطنيءَ جي لاينحل ميراث هميشه ملڪ جي محافظن ۽ نسلن لاءِ مشعلِ راهه بڻيل رهندي.










