ميان نواز شريف کي 10 سيپٽمبر تي سرينڊر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جي اپيلن جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي 10 سيپٽمبر تي سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائن ملتوي ڪندي چيو ته ميان محمد نواز شريف ايندڙ حاضري تي عدالت م پيش ٿئي. جسٽس عامر فاوق ۽ محسن اختر ڪياني تي مشتمل بينچ ٻڌڻي ڪئي ۽ نواز شريف جي وڪالت خواجه حارث ڪئي. عدالت چيو ته ايندڙ حاضري تي پيش نه ٿيو ته کيس مفرور قرار ڏيڻ جي ڪاروائي ڪئي ويندي. عدالت چيو ته حاضري تي پيش نه ٿيڻ به ڏوهه آهي ۽ ان ڏوهه ۾ ئي 3 سال سزا ڏئي سگهجي ٿي. نيب پراسيڪيوٽر نواز شريف کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي، نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل کي عدالت طلب ڪري رهي آهي ته هو پنجاب حڪومت جي فيصلي کي چئلينج ڪري سگهن ٿا، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته نواز شريف کي مليل قانوني حق نٿا کسي سگهون، هو فيصلي کي چئلينج ڪري سگهي ٿو، عدالت نواز شريف کي اڃا اشتهاري قرار ناهي ڏنو، کيس سرينڊر ڪرڻ جو هڪ موقعو ڏنو پيو وڃي. خواجه حارث چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا معطلي بعد نواز شريف کي ضمانت ملي هئي جڏهن ته العزيزيه ڪيس ۾ مشروط ضمانت ملي هئي. سندس قانوني حيثيت اها آهي ته هو ضمانت تي نه پر علاج لاءِ مليل اجازت سبب ٻاهر آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته ضمانت مخصوص وقت لاءِ هئي. خواجه حارث چيو ته بلڪل پر اسين مدت ۾ واڌ جي درخواست ڏني جيڪا پنجاب حڪومت 27 فيبروري تي رد ڪري ڇڏي. عدالت وڇو ته ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ پاران اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ سان العزيزيه ڪيس واري مليل سزا معطل ٿي وئي؟ ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي سپرسيڊ ڪري ٿو؟ خواجه حارث چيو ته اهڙي ڳالهه ناهي ته نواز شريف پيش ٿيڻ نٿو چاهي؟ عدالت چيو ته سندس پيش نه ٿيڻ کانسواءِ اپيل جي ٻڌڻي ڪيئن ٿيندي.عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل ارشدڪياني کان موقف معلوم ڪيو ته هن چيو ته کيس ڪا هدايت نه ملي آهي وقت گهرجي. جسٽس عامر فاروق چيو ته نواز شريف جي غير حاضري ۾ اپيل جي سماعت ڪيئن ٿيندي؟ جيڪڏهن سندس غير موجودگي ۾ اپيل خارج ٿي وئي ۽ کيس مفرور قرار ڏنو ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ عدالت چيو ته ايندڙ حاضري تي ميان نواز شريف پيش ٿئي. عدالت مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي ايندڙ حاضري کان استشنيٰ ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو