ميان مجن جي شادي بعد مهر خاندان ۾ اختلاف تيز ٿي ويا

ميان مجن جي شادي بعد مهر خاندان ۾ اختلاف تيز ٿي ويا

خانپور مهر(رپورٽ:آفتاب سيال) ميان مجن جي محمد بخش مهر جي ڀيڻ سان شادي بعد خانڳڙهه جي مهر خاندان ۾ سياسي اختلافن بعد خانداني اختلاف به چوٽ چڙهي ويا آهن. ان سلسلي ۾ خانڳڙهه ۾ گوهر پيلس تي علي گوهر خان، مهر برادري جو ڪٺ گهرائي ورتو. ڪٺ ۾ مهر برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. جنهن ۾ ذريعن موجب مهر برادري جي ماڻهن ميان مجن سان محمد بخش خان مهر جي شادي واري معاملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. پنهنجي خدشن کان سردار علي گوهر مهر کي آگاهه ڪيو. مهر برادري جي ماڻهن جو سرداري پڳ لاء سردار علي  گوهر مهر تي زور  سرداري علي گوهر خان مهر هفتي جي مهلت گهري ورتي. ڪٺ ۾ جذباتي منظر ٿي ويا. سرداري جي پڳ سردار علي گوهر  مهر کي ٻڌرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ته سرداري پڳ جا مالڪ توهان ٿيو ۽ اسانجي مالڪي ڪيو يا خانڳڙهه کان روڪي ڇڏيو اسان وري ڪڏهن به خانڳڙهه جو منهن نه ڏسنداسون.

پهنجو تبصرو موڪليو