ميان صاحب فوج خلاف نه ڳالهايو، نون ليگ ۾ اختلاف شروع

ميان صاحب فوج خلاف نه ڳالهايو، نون ليگ ۾ اختلاف شروع

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ ميان نواز شريف جي فوج خلاف بيان بعد مسلم ليگ (ن) ۾ اختلاف سامهون اچڻ جي شروعات ٿي وئي آهي. شيخوپوره مان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم پي اي ميان جليل شرقپوري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نواز شريف کي جيلن کان گهٻرائڻ نه گهرجي ڪيسن جو عدالتن م مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته فوج قومي ادارو آهي ان خلاف قيادت کي ڳالهائڻ نه گهرجي ان سان دشمن ملڪ انڊيا مذاق بڻائيندو. هن چيو ته نواز شريف ڪاوڙ ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيون جيڪي کيس نه ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سندس بيانيو قبول ناهي ۽ پارٽي مونکان جواب گهريو ته ڏيندس. هو شيخوپوره مان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي 2002 ۾ ايم اين اي به چونڊو هو. 2008 ۾ هن کي ٽڪٽ نه ملي ته آزاد اميدوار طور بيٺو ۽ رڳو 444 ووٽ حاصل ڪيا.جنهن بعد هي جنرل شرف جي آل پاڪستان مسلم ليگ ۾ ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو. 2018 جي عام چونڊن کان اڳ واپس مسلم ليگ (ن) ۾ آيو پارٽي ٽڪيٽ تي پنجاب اسمبلي جو ميمبر بڻيو. هن چيو ته نواز شريف خاندان خلاف نيب جا ڪيس ڪوڙا آهن، نيب کي ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ جو اختيار نه هجڻ گهرجي، ڪيس ڀلي فائيل ڪري عدالت فيصلو ڏي ته پوءِ ڀلي گرفتار ڪريو. هوڏانهن پنجاب جي اطلاعات واري وزير راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نواز ليگ ۾ بغاوت شروع ٿي وئي آهي ۽ ميان جليل سان 50 پنجاب اسمبلي جا مسلم ليگ (ن) جا ميمبر گڏ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو