ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب ۽ ڪمشنر ڪراچي جي دور ۾ کير 230 رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڻي جو مسئلو ڪراچي جي عوام لاءِ درد سر بڻجي ويو آهي، ڇو؟ حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته 200 غير قانوني هائيڊرنٽس هلي رهيا آهن، پيپلز پارٽي سڌي ريت واٽر بورڊ ۾ مداخلت ڪري ٿي.هن چيو ته پاڻي جي نظام ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪا به حڪومت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.










