ميئر ڪراچي جي صدارت هيٺ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اجلاس

ميئر ڪراچي جي صدارت هيٺ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اجلاس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر جي صدارت هيٺ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مرتصيٰ وهاب اورنگي ۾ گرين بيلٽ تي قائم ٿيل مال پڙي کي بنا دير هٽائڻ جي هدايت ڏني آهي تفصيل موجب ڪراچي جي ميئر مرتصيٰ وهاب جي صدارت هيٺ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس ٿيو اجلاس دوران ڪراچي جي ميئر اورنگي ٽائون ۾ گرين بيلٽ تيلڳل مال پڙي تي بنا دير هٽائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏيو ڄاڻايل مال پڙي ڀرپاسي جي رهواسين لاءِ ۽ ٽريفڪ جي رواني ۾ ڪافي مسئلن جو سبب بڻجي رهي آهي اجلاس ۾ چيئرمين ٽي ايم سيز ويسٽ، سالڊ ويسٽ مئنجمينت بورڊ، واٽر بورڊ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪمشنر ويسٽ کي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي مرتصيٰ وهاب چيو ته سمورا لاڳاپيل آفيسر گڏيل طور تي رابطن جي ذريعي شهرين جا مسئلا حل ڪن سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ صفائي سٿرائي جي حوالي سان ٽائون ناطمن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي ڪنهن به علائقي ۾ شهرين کي ڪچري بابت شڪايت نه هجڻ گهرجي. واٽر بورڊ منگهوپير ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي لائنن ذريعي پاڻي وهڻ جو مسئلو فوري حل ڪري عيد کان پوءِ پاڻي فراهم ڪرڻ واري نطام کي بهتر بنائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ اجلاس ڪيا ويندا پهرين ترجيح واٽر لڪيج کي هجڻ گهرجي ته جيئن ضايع ٿيندڙ پاڻي کي روڪي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو