اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سنڌ هاءِ ڪورٽ ميئر ۽ ٽائونز جي چونڊن ۾ سمورن چونڊيل نمائندن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ۾ يوسي چيئرمين کي ميئر جي چونڊ ۾ ووٽ وجهڻ کان روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.پوليس ۽ سنڌ حڪومت گرفتار ٿيل 4 يوسي چيئرمينن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.پوليس جو چوڻ آهي ته فردوس شميم، عمر دراز، سيد امجد ۽ محمد مصطفيٰ کي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فردوس شميم نقوي اين آءِ سي وي ڊي سکر ۾ علاج هيٺ آهي.جنهن بعد عدالت سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو ته گرفتار ٿيل چونڊيل نمائندن کي باحفاظت سٽي ڪائونسل تائين پهچايو وڃي.










