بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) بدين پوليس موٽرسائيڪل لفٽر گينگ اڳواڻ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 19 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون 2 غير قانوني پسٽل ۽ 8 رائونڊ ھٿ ڪري ورتا. ايس ايڇ او انسپيڪٽر محمد انور لغاري بدين ڀرسان هڪ جاء تي ڪاروائي ڪري موٽرسائيڪل لفٽر گينگ جي اڳواڻ تعمير حسين منڌرو ۽ نثار ملاح کي گرفتار ڪري هنن جي قبضي مان ھڪ چوري ٿيل موٽرسائيڪل 2 بغير لائسنس پسٽل ۽ 8 عدد رائونڊ ھٿ ڪيا ويا پوليس گرفتار جوابدارن کان جاچ ڪري جوابدارن جي نشاندهي تي مختلف جاين تي ڇاپا ھڻي وڌيڪ 18 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ھٿ ڪري ورتيون آهن. جڏھن ته جوابدارن جي نشاندهي تي پوليس ڇاپو ھڻي آرمي شگر مل مان چوري ڪيل لوھ جا پائيپ پڻ ھٿ ڪري ورتا آھن جوابدارن خلاف بدين ٿاڻي تي چوري ۽ غير قانوني ھٿيارن رکڻ جا 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن










