موٽر سائيڪل سلپ هڪ فوت 2 ٻيا زخمي

موٽر سائيڪل سلپ هڪ فوت 2 ٻيا زخمي

گھارو رپورٽ (بشام جوکيو)نيشنل هاءِ وي تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر گھارو آندو ويو جتي فوتي نوجوان جي سڃاڻپ ڪامران علي ولد غلام نبي ميراڻي طور ٿي آھي. زخمين ۾ شمن علي ميراڻي ۽ ارشاد علي ميراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. فوتي ۽ زخمي بلاول ڪالوني ڪراچي جا رهواسي هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو