مورو (ن س) ڳوٺ اڀريو شاھ ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿيار بند ڦورن پير خادم حسين کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن پيڇو ڪري هڪ ڦورو کي ڦر ڪيل موٽر سائيڪل سميت پڪڙي ورتو ۽ مارڪٽ ڪئي جڏهن ته ٻيو ڦورو فرار ٿي ويو. بعد ۾ ڳوٺاڻن پڪڙيل ڦورو کي نوان جتوئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن پنهنجو نالو سڪندر جمالي ولد حاجي خان جمالي ويٺل دادو ۽ هاڻي رهندڙ ڪانڌڙو ڪالوني ٻڌايو پوليس مذڪوره ڦورو کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي.










