موٽرسائيڪل چورن ۽ ڦر ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت

موٽرسائيڪل چورن ۽ ڦر ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت

شڪارپور (ن سنڌيار) ايس ايس پي شڪارپور آصف رضا بلوچ گٽڪا ماوا، منشيات فروشن، موٽرسائيڪل چورن ۽ ڦر ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪائي به ڪوڙي ايف آءِ آر داخل نہ ڪئي ويندي ۽ سچي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي، جيڪڏهن ڪو رشوت وٺندو ته ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ ان جي نوڪري چٽ ٿي ويندي، ضلعي شڪارپور جي ايس ايڇ اوز ۽ برانچن جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي شڪارپور آصف رضا بلوچ سماج ۾ ناسور محسوس ٿيندڙ وياج خورن جون لسٽون تيار ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي ۽ سمورن ايس ايڇ اوز کي عوام جون شڪايتون صبح 11 وڳي کان منجھند ٻين وڳي تائين ٻڌڻ جو چيو آھي، ايس ايس پي شڪارپور آصف رضا بلوچ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ وڌيڪ چيو ته پارڪو پائيپ لائين جي چوري يا بدامني ۾ ملوث ملازمن ۽ ڏوهارين سان لاڳاپا رکندڙ ملازمن کي برطرف ڪيو ويندو، پوليس ۾ ڪاري رڍن کي رھڻ جو ڪو به حق ناهي، روڊن جي پوليس پڪٽن کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو ۽ غير حاضري جي اطلاع نه ڏيندڙ انچارجن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن اهو به چيو ته جيڪڏهن ڏوهارين عوام جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته کین سختي سان چٿيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو