حافظ آباد(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 2017 ۾ 5 ججن 25 ڪروڙ عوام جي نمائندن کي برطرف ڪيو، جيڪڏهن مون کي 2017 ۾ نه ڪڍيو وڃي ها ته ملڪ ۾ خوشحالي اچي ها ۽ مهانگائي نه ٿئي ها. حافظ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جيڪڏهن مون کي بار بار گرفتار ڪري وزارت عظميٰ تان برطرف نه ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ها، پاڪستان اڄ ايشين ٽائيگر بڻجي چڪو هجي ها، نواز شريف چيو ته منهنجو مشن آهي ته پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، حافظ آباد کي ايترو ترقي ڏيندس ته حافظ آباد ۽ لاهور ۾ ڪو به فرق نه هجي، نواز شريف چيو ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي کيس اقتدار تان هٽايو ويو، جيڪڏهن اسان جي حڪومت رهي ها ته اڄ ڪو نوجوان بيروزگار نه هجي ها، هر گهر ۾ بلب جلندا،هاري خوشحال هوندو، بجلي مهانگي نه ٿيندي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هر روز بم ڌماڪا ٿيندا هئا، اسان دهشتگردي ختم ڪئي، ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، جيڪڏهن مون کي نه ڪڍيو وڃي ها ته ملڪ ۾ مهانگائي جهڙي ڳالهه نه هجي ها.










