مون کي اولاد گهرجي پر ٻارن جي ماءُ نه، سلمان خان جي عجيب خواهش

ممبئي ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان عرف سلوڀائي جي 57 هين سالگرهه جي موقعي تي سندس هڪ پراڻو انٽرويو ڪلپ ميڊيا جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو آهي. سلمان خان اڪثر ڪري ٻارن سان محبت جو اظهار ڪندي نظر ايندو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڀيڻ جي ٻارن سان گڏ پنهنجون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندو رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان 2019ع ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ دلچسپ انداز ۾ پيءُ بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن مسڪرائيندي چيو ته مون کي ٻار گهرجن پر ٻارن سان گڏ انهن جون مائرون به اچن ٿيون، جيڪي مون کي نه گهرجن، پر ظاهر آهي ته ٻارن کي ماءُ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو