مولانا پاران ڌرڻو ختم، ضلعي سطح تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اياز مهر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن آزادي مارچ جو ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موٽڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هوضلعي سطح تي احتجاج ڪن يعني پلان بي تي عمل ڪندي سڄي ملڪ جا روڊ رستا بند ڪن. آزادي مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمٰن چيو ته ٻن هفتن کان قومي سطح جو جلسو تسلسل سان برقرار رهيو هاڻي نئين محاذ تي وڃڻ جو وقت آهي اسان جا جانثار ۽ عام شهري روڊن تي نڪري آيا آهن اسان جي سڄي طاقت هتي جمع آهي ۽ اسان جا ساٿي روڊ رستن تي نڪري آيا آهن.

screen shot: dua Shukrana
ڌرڻو ختم ڪرڻ کان اڳ رّصت جي دعا ڪرائي وئي

هن چيو ته هڪ ڪرندڙ ديوار کي هڪ وڌيڪ ڌڪي جي ضرورت آهي اسان اڄ اسلام آباد کان روانا ٿينداسين جهڙي طرح هتي آياسين اهڙي طرح ٻئي محاذ تي وينداسين. مولانا فضل الرحمٰن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتي ماڻهن جي طرف کان اهڙا جملا استعمال ڪيا پيا وڃن جنهن سان حوصلا ۽ همٿ هارائڻ جا سبب بڻيا آهن. حڪومتي حلقن جو خيال آهي ته اجتماع اٿندو ته حڪومت لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون پر هاڻي صوبن ۽ ضلعي حڪومتن جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن. واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن جي اڳواڻي ۾ اپوزيشن جماعتن جو آزادي مارچ 14 ڏينهن تائين اسلام آباد جي ايڇ نائن گرائونڊ ۾ جاري رهيو جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان کان فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ ۽ نئين چونڊون ڪرائڻ سميت مختلف مطالبا رکيا ويا هئا پر حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار رهيو. هي پهريون احتجاج آهي جنهن جو ڪو مقصد پورو نه ٿيو. مولانا 27 آڪٽوبر تي ڪراچي مان مارڄ جي قيادت ڪندي اسلام آباد لاءِ نڪتو هو. مولانا ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته ضلعن ۾ ٿيندڙ احتجاج دوراسن جيڪڏهن روڊ بلاڪ ڪريو ته ڪنهن ايمبولينس، مريض کي نه روڪيو ۽ ميرٽ تي مقامي قيادت فيصلو ڪري. احتجاج پر امن هجي سيڪيورٽي فورسز سان ٽڪراءَ ۾ نه اچو.

پهنجو تبصرو موڪليو