پشاور(ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو(نيب) پشاور جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ جاچ لاءِ پهرين آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي. نيب جي ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو ته نيب هيڊ ڪوارٽرز مولانا فضل الرحمان کان آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ تي جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُالرحمان جي خلاف به نيب جاچ ڪري پئي. نيب طرفان مولانا فضل الرحمان کي پهرين آڪٽوبر تي حيات آباد ۾ واقع آفيس ۾ صبح جو 11 وڳي پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. جميعت سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي مولانا اڪيلو نه ويندو پر هن سان هزارين ڪارڪن به گڏ هوندا.










