لاهور (م ڊ)جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب لاهور جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف سندس معائنو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي خانگي اسپتال ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي صدر مولانا فضل الرحمان جي عيادت ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف ماڊل ٽائون جي خانگي اسپتال ۾ مولانا فضل الرحمان جي عيادت ڪئي، گلدستا پيش ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مولانا فضل الرحمان جي بهترين علاج کي يقيني بڻايو وڃي. جي يو آءِ ترجمان موجب مولانا فضل الرحمان کي لبلبي جي تڪليف آهي، ٽيسٽ رپورٽ اچڻ تي ڊاڪٽر سندس وڌيڪ علاج ڪندا، اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ بعد هو حج تي روانو ٿيندو.










