مولانا سمجهڻ ۽ انڪشاف ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو، شازيه مري

مولانا سمجهڻ ۽ انڪشاف ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو، شازيه مري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته مولانا صاحب کي سمجهڻ ۽ انڪشاف ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو،ميڊيا سان ڳالهائيندي شازيه مري چيو ته مولانا صاحب خيبرپختونخواهه مان هارائي سنڌ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، مولانا صاحب کي عوام کان چونڊ نتيجن جو بدلو نه وٺڻ گهرجي.شازيه مري چيو ته تحريڪ عدم اعتماد آئيني اختيار آهي، اسان ان جي حق ۾ آهيون،هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪڏهن چون ٿا ڳالهائينداسين، ڪڏهن چوندا آهن نه ڪنداسين، جڏهن ن ليگ ڳالهائي ٿي ته اسان ن ليگ سان ڳالهايو، اسان جا دروازا کليل آهن،پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته ڳالهيون اڃا جاري آهن، ڳالهيون مڪمل نه ٿيون آهن، بلاول چيو آهي ته ڪابينا جو حصو نه ٿينداسين، پارليامينٽ ۾ ويهنداسين،شازيه مري وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي نالي تي اڃا حتمي فيصلو ناهي ٿيو پر جلد ڪيو ويندو،

پهنجو تبصرو موڪليو