اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو آهي.شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان اڪيلائي (تنهائي) ۾ ڪهڙي ڳالهه ڪئي؟ نه وزيراعظم ٻڌايو ۽ نه ئي مولانا فضل الرحمان.قومي اسمبلي جي اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته مون اڪيلائيءَ ۾ مولانا سان جيڪا ڳالهه ڪئي، ان کي قبر ۾ کڻي ويندس پر ڪڏهن به نه ٻڌائيندس.مولانا فضل الرحمان جواب ڏنو ته مان وزيراعظم کي اجازت ڏيان ٿو ته هو اها ڳالهه ايوان ۾ ٻڌائي ڇڏي. جنهن تي وزيراعظم چيو ته مان مولانا جي اها آفر (پيشڪش) قبول نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته پوءِ معاملا ايترو پري هليا ويندا جو واپس نه ايندا.










