مولانا جو زرداري سان رابطو، عمران خلاف عدم اعتماد تي اتفاق

مولانا جو زرداري سان رابطو، عمران خلاف عدم اعتماد تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ٽيليفون ڪري پيپلز پارٽي اڳواڻ آصف علي زرداري جي عيادت ڪئي. آصف علي زرداري جيڪو لاهور ۾ آهي، تنهن جي طبيعت خراب آهي ۽ گهر م آرام ڪري رهيو آهي. مولانا فضل الرحمان سياسي صورتحال تي به ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻڻ عدم اعتماد تي اتفاق ڪندي چيو ته اهو جمهوري طريقو آهي عمران خان کي هٽائن جو جيڪو گڏيل اپوزيشن کي اختيار ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته آصف علي زرداري گذريل هفتي بلاول سان گڏ ميان شهباز شريف سان ملاقات ڪري عمران خان کي عدم اعتما ذريعي هٽائڻ بابت ڳالهيون ڪيون هيون. جنهن بعد هن چوڌري شجاعت حسين جي عيادت به ڪئي هئي. ملاقات جي ٻئي ڏينهن تي چوڌري شجاعت کاڌي پيتي جي شين تان ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو