مورو ۾ پوليس مقابلو، ھڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

مورو ۾ پوليس مقابلو، ھڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

نوشھرو فيروز (ن س)مورو شھر جي جمالي ھائوس جي سامھون ڪيلن جي باغ وٽ پوليس مقابلو ھڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار مورو اسپتال منتقل جتي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏني وئي اسپتال ۾ موجود ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر ۽ ٻڌايو تہ اسان مين روڊ تي گشت ڪري رھيا ھئاسين ته ڦورن جو اطلاع مليو اسان پوليس نفري سان گڏ جاءِ واردات تي پھتاسين ته ڦر جي ارادي سان بيٺل ڦورن سان مقابلو ٿيو اسان جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو گلزار سولنگي ولد نبي بخش سولنگي ويٺل غريب آباد ضلعو دادو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس وٽان ھڪ پسٽل پڻ برآمد ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس ٻه ساٿي جنھن ۾ ھڪ جو نالو ميھر چانڊيو ٻئي جي خبر ناھي پئجي سگهي جيڪي ٻئي فرار ٿي ويا آهي ھن چيو تہ گرفتار ڪيل ڦورو مٿان سنڌ جي مختلف ضلعن نوشھروفيروز دادو حيدرآباد ٻين ضلعن جي مختتلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آھن ۽ وڌيڪ ڪيسن بابت جانچ ڪئي پئي وڃي ٻئي پاسي مورو پوليس مقابلي واري هنڌ تي وڌيڪ پوليس نفري گهرائي فرار ٿيل ڏوھارين جي گرفتاري لاء پيرا کڻايا پيا وڃن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو