مورو ۾ سيپڪو پاران 16 فيبروري تي کليل ڪچهري

مورو ۾ سيپڪو پاران 16 فيبروري تي کليل ڪچهري

مورو(ن سنڌيار)ايڪسن واپڊا سيپڪو مورو ڊويزن مشتاق حسين بڙدي ڄاڻايو آهي ته موري شهر ۽ آس پاس بجلي استعمال ڪندڙ  صارفين کي اطلاع ٿو ڪجي ته بجلي بلن جي شڪايتن ۽ بقاياجات جي درستگي ڪرڻ واسطي عوامي شڪايتي کليل ڪچهري تاريخ 16 فيبروري 2021ع اڱاري ڏينهن صبح 10 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ايڪسن واپڊا آفيس مورو ۾ رکي وئي آهي.جناب فاروق احمد  افغان ايس. اي. واپڊا. سيپڪو سرڪل دادو هن کليل ڪچهري ۾ عوامي شڪايتن جو ازالو ڪندو ۽ ناجائز بجلي بلن جي درستگي ڪرڻ فرمائيندا. بجلي صارفين ۽ عوام کي اطلاع ٿو ڪجي ته هن کليل ڪچهري ۾ شرڪت ڪري فائدو حاصل ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو