مورو (رپورٽ حُسنُ ڪلھوڙو) صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو تعلقا اسپتال مورو جو دورو ڪيو. ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو تہ اسپتال ۾ الاھي مسئلا آھن جن کي حل ڪرڻ لاءِ مون تعلقا اسپتال جو دورو ڪيو آھي تہ جئين شڪايتن جو ازالو ڪري اسپتال کي بھتر بڻائي سگھجي صحت جي وزير وڌيڪ چيو تہ اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ سان گڏ ٻارڙن جي وارڊ جي آڪسيجن جي قلت کي ترت ختم ڪري اسپتال کي بجيٽ ڏياري ويندي تہ اسپتال جا معاملا حل ٿي سگھن اسان سمورين شڪايتن کي ٻڌو آھي جنھن جي حل لاءِ قدم کنيو ويندو ڊاڪٽر عذرا وڌيڪ چيو تہ اسپتال اندر رات جي وقت ڊاڪٽر جي ھجڻ ۽ ايم ايس کي پڻ ڊاڪٽر مقرر ڪرائي مريضن کي سھولتون فراهم ڪرايون وينديون ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير ضياالحسن لنجار ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ ۽ سيد ڪاظم شاھ پڻ موجود ھئا.










