موتمارڌمڪين خلاف گڏاپ جي صحافين جو احتجاج

ڪراچي( باغي ساگر پنھوار ) روزاني سنڌيار ملير جي رپورٽر شھزادو مستوئي کي فون تي ڌمڪيون ڏيندڙ  ٽريفڪ عملدار جبار عباسي خلاف گڏاپ جي صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو احتجاج ۾ گڏاپ پريس ڪلب جي چيئرمين مير علي گوھر بلوچ ـ سينئر صحافي فاروق ڀنگوار ۽ ٻين پاران ملير جي سينئر صحافي شھزادو مستوئي کي موتمار ڌمڪيون ملڻ تي صحافين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي .ان موقعي تي صحافين چيو ته ملير جو ٽريفڪ آرڪي بيٽر جبار عباسي سياسي ماڻھن جا نالا کڻي صحافين کي گارگند ڪري ٿو.  اسين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ان اھلڪار خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو