مهوش حيات وٽ باڊي گارڊ ڇو آهن؟

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور اداڪارا مهوش حيات بابت افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته هن پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ پرائيويٽ باڊي گارڊز کي ڀرتي ڪيو آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته مهوش حيات سياسي خبرن ۽ پاڻ تي تنقيد کانپوءِ باڊي گارڊز کي ڀرتي ڪرڻ جو اطلاع ڏنو آهي. رپورٽن مطابق مهوش حيات پنهنجي حرڪت ۽ ٻين سرگرمين تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي.اداڪارا بابت چيو پيو وڃي ته هوءَ هاڻ پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپني جي گارڊن سان گڏ ٻاهر نڪرندي.ان کان اڳ مهوش حيات سوشل ميڊيا تي اداڪارن تي الزام لڳائڻ واري شخص تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.مهوش حيات پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو ته سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو انسانيت جي ليول تان به گري ويندا آهن، اميد آهي ته توهان پنهنجي 2 منٽن جي شهرت جو مزو ورتو هوندو. ان کان علاوه 31 ڊسمبر تي مهوش حيات سوشل ميڊيا تي هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن تي ڪجهه صارفين سندس ڪپڙن تي تنقيد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو