ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) راندين، نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم لاءِ 35 لک ڪيش ايوارڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. راندين، نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي راندين واري کاتي پاران ارشد نديم کي 25 لک روپيا ڪيش ايوارڊ ڏنو ويندو ۽ مان ذاتي حيثيت سان ارشد نديم کي 10 لک روپيا ڪيش ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو، هن وڌيڪ چيو ته ارشد نديم اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ڪري سڀني جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي، ارشد نديم سان جلد گڏجاڻي ڪندس










