شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) قبائلي تڪرار درسگاهه تائين وڃي پهتو، فائرنگ ۾ ٽي ماڻهون اجل جو شڪار ٿي ويا۔ تفصيل موجب شڪارپور ۾ ديرينه قبائلي دشمني سبب خوني واقعو سرڪاري تعليمي اداري تائين وڃي پهتو۔ رستم ٽائون جي ڀرسان ڳوٺ بورڙي ۾ مهر ۽ جتوئي قبيلن جي وچ ۾ تڪرار دوران هٿياربند ماڻهن سرڪاري هاءِ اسڪول تي حملو ڪيو۔ پوليس مطابق جوابدارن اسڪول جي استادن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مزاحمت ڪئي وئي۔ںمزاحمت دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جی ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا موقعي تي ئي قتل ٿي ويا۔ جن جي سڃاڻپ جميل مهر، عبدالرزاق مهر ۽ صحبت جتوئي طور تي ڪئي وئي آهي۔ مقتولين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد ويجهي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن۔ پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو هي واقعو مهر ۽ جتوئي قبيلن جي وچ ۾ ديرينه دشمني جو نتيجو آهي۔ واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ ۽ وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي۔










