مهراڻ هاءِ وي تي حادثو، 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي

مهراڻ هاءِ وي تي حادثو، 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي

فيض گنج (وسيم سولنگي) پيروسڻ  لڳ مهراڻ هاءِ وي تي ڪوڙڪي حاجاڻا پل وٽ  مهراڻ ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتجي ۾ 35 سالن جي اقبال خاتون ۽سندس 12 سالن جو پٽ اقرار پلهه موقعي تي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 5 ڄڻا شمائلا خاتون، ڪومل، ڪزبانو، ليلان خاتون ۽ گل بهار پلهه زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي. پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل خاندان ڳوٺ جسڪاڻي کان ڪراچي طرف عمرو ڪري موٽي ايندڙ پهنجي پيارن کي وٺڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثو ٿيو آهي فوتين  جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته  ٽريڪٽرٽرالي  کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو