مهانگائي سٽيل عوام تي وڌيڪ بار، ايل پي جي اگهن ۾ وڏي واڌ

مهانگائي سٽيل عوام تي وڌيڪ بار، ايل پي جي اگهن ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد ( بيورورپورٽ) مهانگائي سبب پريشان عوام لاءِ بُري خبر اچي وئي آهي، سوئي گيس جي اگهن بعد ايل پي جي به مهانگي ٿي وئي آهي. مهانگائي سٽيل عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي، ايل پي جي في ڪلو قيمت ۾ 23 رُپيا 86 پئسن جي وڏي واڌ ڪئي وئي آهي. ايل پي جي في ڪلو قيمت 201 رُپيا 15 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، ايل پي جي جولاءِ ۾ 177.29 رُپيا هئي. اوگرا، طرفان 11.8 ڪلو واري سلينڊر جي قيمت ۾ 281.51 رُپيا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن بعد اي پي جي جي 11.8 ڪلو واري سلينڊر جي نئين قيمت 2373.64 مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو