ٽنڊومحمدخان(رپورٽ مظفر علي بروهي)سنڌايگريڪلچرجنرل ورڪريونين لاڳاپيل نيشنل ٽريڊيونين فيڊريشن پاران ايوبيا بس اسٽاب کان پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھروڪيو.جنھن جي اڳواڻي ھاري يونين جي اڳواڻ لال بخش سٺيو ڪامريڊ شفيع سولنگي محمدبخش ٽالپر اخترعلي سٺيو احمد سٺيوجن ڪري رھيا ھئااحتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيوته ملڪ م وڌندڙ مهنگائي ھاري پورھيت طبقي جي چيل چٻي ڪري ڇڏي آھي. غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آھي .وفاق پاران تيل گئيس اٽي جي قيمتن م تيزي سان واڌ ڪري عوام جي اميدن مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيوآھي. ، ھنن چيو ته ھتان جي سارين جاواپاري سارين جي خريداري م ڪٽوتي ڪري ھارين ء آبادگارن کي وڏو نقصان پھچائي رھيا آھن واپارين کان ڪوبه پڇڻ واروناھي. ٻي طرف ھاري اڳواڻن جو چوڻ ھوته سرڪار عام واهپي جي شين جا اگھ چوٽ چاڙھي ڇڏيا آھن . ڏھاڙيدار ھاري پورھيت مزدورطبقي جا مٿن تي هٿ اچي ويا آھن . مسڪين بکون ڪاٽڻ تي مجبورآھن. ايتري مهانگائي زندگي ۾ ناهي ڏٺي جيتري پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ ٿي آھي. ڏينهون ڏينهن مهانگائي ٿي رهي آھي. کاڌي پيتي جون شيون ٻيڻ تي مهانگيون ٿي ويون آھن. ھاري پورهيت طبقو ڏھاڙي 300 سئو روپيا مس ٿو ڪمائي انهي مان ڇا وٺي ڇا وٺي. غريب ماڻھوبکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. يوٽيلٽي اسٽورن تان به سستو سامان نٿو ملي. ٻي طرف اڳواڻن چيوته ملڪ م کوڙ ساريون سرڪاري زمينون خالي پيون آھن جن تي حڪومت م ويٺل ماڻھو قبضوڪري رھيا آھن پر ھارين کي نٿيون ڏنيون وڃن .جڏھن ته ھاري زمين ء پلاٽ نه ھئڻ ڪري بي دخل ٿي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن پر مٿن ڪنھن کي به رحم نٿواچي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھرڪئي آھي ته وفاقي حڪومت سميت صوبائي سرڪارکي گھرجي ته مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي . سرڪاري زمينون ھارين م ورھايون وڃن . SIRA2013 تي ھارين ء ماھيگيرن کي مليل اپمپلائيز ورڪرن کي مان ڏنو وڃي ته جئين سندن احساس محرومي ختم ڪرائي وڃي ان موقعي تي ھاري يونين ضلعي ٽنڊومحمدخان جي اڳواڻن دين محمدسٺيو عبدالغني ملاح سڪندرعلي ملاح جان محمدسٺيو ۽ ٻيا ڪيترائي ھاري پورھيت اڳواڻ موجودھئا.










