مهانگائي جي ماريل عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري

مهانگائي جي ماريل عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مهانگائي ۽ غربت جي ماريل عوام مٿان ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون، پيٽرول 7 رپيا ۽ ڊيزل 9 رپيا في لٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. پيٽروليم وزارت جَي ذريعن موجب ايندڙ 5 ڏينهن ۾ امپورٽ ڪيل تيل جون قيمتون نوان اگهه طئه ڪنديون. حڪومت 15 ڏينهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن جو تعين ڪندي آهي، 16 آڪٽوبر تي تيل اگهن ۾ 12 رپيا في لٽر تائين اضافو ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت آهستي آهستي 150 روپيا في لٽر کان مٿي قيمت مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو