لاهور (ويب ڊيسڪ)مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ پرويز الاهي جي بريت جي درخواست تي فيصلو ملتوي ڪيو ويو. لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ۾ پرويز الاهي، انهن جي خاندان جي ٻين ميمبرن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، جنهن جو فيصلو اڄ ٻڌايو وڃڻو هو. عدالت پرويز الاهي جي بريت واري درخواست تي فيصلو مؤخر ڪري ڇڏيو، البته هن جي هڪ پيشِيءَ کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي. پرويز الاهي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته قريبي مائٽ جي لاڏاڻي سبب هو عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهن.










