منهنجي ۽ جنرل فيض جي ملاقاتن بابت ڄاڻ لاءِ شهباز گل تي تشدد پيا ڪن:عمران

منهنجي ۽ جنرل فيض جي ملاقاتن بابت ڄاڻ لاءِ شهباز گل تي تشدد پيا ڪن:عمران

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شهباز گِل کان تشدد ڪري پڇيو پيو وڃي ته عمران ۽ جنرل فيض ۾ ڪيتريون ملاقاتون ٿيون آرمي چيف سان هاڻ رابطو ناهي، اسٽيبلشمينٽ سان ڪڏهن به منهنجا رابطا خراب نه رهيا، آرمي چيف کي ٻڌايو هو عثمان بوزدار کي هٽايو ته پنجاب ۾ پارٽي اندر ڌڙابندي ٿيندي، شهباز گل جي هڪ لائين فوج کي ڀڙڪائڻ جي زمري ۾ اچي ٿي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته جمهوري ماڻهو عوام وٽ ويندا آهن، اهي عالمي طاقتن کي فون ناهن ڪندا ته اسان کي اچي بچايو، جيئن آصف زرداري پنهنجي سفارتڪار ذريعي آمريڪي آرمي چيف کي درخواست ڪئي ته مون کي پاڪستان جي فوج کان بچايو يا جيئن نوازشريف لڪي لڪي مودي سان گڏجاڻيون ڪري رهيو هو ڊان ليڪس سڀني سامهون آهي، هنن سان مسئلا ٿيندا آهن ته هي عوام نه ٻاهرين قوتن تي ڀاڙيندا آهن، آئون واحد پاڪستاني آهيان، جيڪو سمجهان ٿو ته ملڪ جو عوام ئي اسان جي طاقت آهي، عوام ذريعي سياست ۾ آيس ۽ عوام وٽ وڃان پيو. پرڏيهي فنڊنگ ۽ توشا خانه بيوقوفاڻه ڪيس آهن، توشا خانه ۾ به مون چيو ته اڳوڻن وزيراعظمن سان منهنجي ڀيٽ ڪئي وڃي پر بدقسمتي سان اهڙو چيف اليڪشن ڪمشنر اچي ويو، جيڪو بزدل ۽ ڪرپٽ آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ شهبازشريف پنهنجا ۽ اسان پنهنجا نالا ڏنا، نه اسان انهن جا نالا تسليم ڪيا ۽ نه وري هنن اسان جا، پوءِ وچ ۾ نيوٽرلز آيا ۽ چيو ته سلطان سڪندر راجا کي رکو، اسان ضمانت ڏيون ٿا ته ٺيڪ ڪم ڪندا، صحافي سوال ڪيو ته نيوٽرلز پنڊي وارا يا اسلام آباد وارا؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ، جن کي اسان اڄڪلهه نيوٽرلز ڏسندا آهيون، افسوس اهو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جڏهن کان آيو کُلي عام اسان جي پارٽي جي مخالفت ڪئي، اسان حڪومت ۾ هئاسين تڏهن به اسان خلاف رهيو، چيف اليڪشن ڪمشنر 8 فيصلا تحريڪ انصاف خلاف ڪيا، هاءِ ڪورٽ سمورا فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا، چيف اليڪشن ڪمشنر کان ڪي ٻيا فيصلا ڪرائي رهيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو