منهنجي دور ۾ ڳجهن هٿن ڏوهارين ۽ چورن کي سزا ڏيڻ کان روڪيو: عمران خان

منهنجي دور ۾ ڳجهن هٿن ڏوهارين ۽ چورن کي سزا ڏيڻ کان روڪيو: عمران خان

گوجرانوالا: (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون ساڍن ٽن سالن دوران ملڪ جي وڏن ڏوهارين ۽ چورن کي سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳجهن هٿن انهن کي سزا ٿيڻ نه ڏني.گوجرانوالا ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان چاهيان ٿو ته جڏهن مان سڏ ڏيان ته هر ماڻهو ملڪ جي حقيقي آزادي جي جنگ ۾ جهاد جي لاءِ مون وٽ پهچي.عمران خان چيو ته جيستائين معاشري ۾ انصاف نه ٿيندو معاشري ۾ خوشحالي ناهي ايندي. انصاف جو مطلب هر شهري جي لاءِ هڪ قانون هوندو آهي. بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ انصاف نه آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ انصاف ناهي، ننڍو چور جيل ۾ هوندو آهي ۽ وڏو چور جوتا پالش ڪري اڄ وزيراعظم بڻجي ويو آهي. شهباز شريف کي 16 ارب روپين جي ڪيس ۾ سزا ملي هئي. شهبازشريف جا ڪيس ختم ڪرايا ويا. شهباز شريف جي ڪيس ۾ 4 گواهه هئا پر 2 مهينن ۾ شهباز شريف جي خلاف سمورا گواهه دل جي دوري سبب فوت ٿي ويا.تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته مون ساڍن 3 سالن دوران پوري ڪوشش ڪئي ته ملڪ جي وڏن وڏن ڏوهارين ۽ ڦورن کي سزا ملي پر ڳجهن هٿن انهن کي سزا ٿيڻ نه ڏني. ڪڏهن بينچ ٽٽي ويندي هئي ته ڪڏهن ڪنهن کي چيلهه ۾ تڪليف ٿيندي هئي جنهن کان پوءِ ڪيس وڌيڪ ڊگها ٿي ويندا هئا ۽ اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي دور ۾ نيب اسان جي ڪنٽرول ۾ نه هو. نيب کي ڪنٽرول ڪندڙن چورن کي بچايو. جيڪي اڄ اسان مٿان مڙهيا ويا آهن. جڏهن کان هي آيا آهن مهانگائي ۾ به رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي ڪجهه سوال پڇڻا آهن ڏوهارين کي ڪنهن اقتدار تي ويهاريو؟ ڏوهارين کي اقتدار ۾ آڻڻ وارا ڪير آهن؟ هنن جا ڪيس تڪڙا ختم ڪيا ويا. مريم نواز، شهباز شريف، آصف زرداري ۽ حمزه شهباز جي خلاف ڪيس ختم ڪيا ويا. مريم جو پيءُ نوازشريف واپس اچڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.عمران خان چيو ته اسان رڍون ٻڪريون يا ڍڳيون نه آهيون جو لٺ ڏيکاريو ان طرف هلڻ شروع ڪري ڇڏيون. ڪالهه چوندا هئا ته هي چور آهن اڄ چون ٿا ته اين آر او ڏئي ڇڏيو هاڻ هي پاڪ ٿي ويا آهن. پرويز مشرف به هنن کي ڏوهاري چيو هو پوءِ ان پاڻ هنن کي اين آر او ڏنو. منهنجي نظر ۾ ڪنهن جي غلامي ڪرڻ کان بهتر آهي ته موت قبول ڪري وٺجي.

پهنجو تبصرو موڪليو