ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ورسٽائل اداڪار ۽ ميزبان احسن خان شوبز انڊسٽري ۾ اقربا پروري جو ذڪر ڪندي خوشحال خان سان لاڳاپن بابت گردش ڪندڙ سمورين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.اداڪار احسن خان هڪ خانگي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف موضوعن تي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڪئي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن توهان مشهور آهيو ته ماڻهو توهان جي باري ۾ ڄاڻڻ ۽ توهان جي باري ۾ ڳالهائڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا، ان ڪري جڏهن به ڪو تڪرار پيدا ٿئي ٿو ته توهان سڀني کي وضاحت نٿا ڪري سگهو.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن پنهنجي ۽ خوشحال خان جي وائرل ٿيل وڊيو جي حوالي سان وضاحت ڪندي چيو ته سندس ۽ اداڪار خوشحال خان جو تعلق ناهي، نه ئي هو سندس ماما آهن ۽ نه ئي خوشحال خان سندس ڀائٽيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته سندس هڪ ڊرامي سيريل ”قصه مهر بانو ڪا“ هو جنهن ۾ نعمان اعجاز جي پٽ زاوير اعجاز ۽ خوشحال خان پنهنجي ڊيبيو ڪيو. ڊرامي ۾ مان خوشال خان جو چاچو هو، جنهن جي سيٽ تان هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن کانپوءِ خوشحال خان کي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.پر هاڻ ان وائرل وڊيو بابت ڳالهائيندي احسن خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سندس ۽ خوشحال خان جو ڪو به تعلق ناهي.هن وڌيڪ چيو ته خوشحال خان هڪ بهترين اداڪار آهي ۽ کيس انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي سهڪار جي ضرورت ناهي، سندس اداڪاري ئي ڪافي آهي.










