منظور پشتين جي گرفتار خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

منظور پشتين جي گرفتار خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشتون قومپرست اڳواڻ منظور پشتين کي پشاور پوليس سومر تي فجر مهل گرفتار ڪري ورتو. تهڪال ٿاڻي جي پوليس سندس گرفتاري جي تصديق ڪندي چيوته سندس راهداري رمانڊ وٺڻ بعد کيس ڊيره اسماعيل خان منتقل ڪيو ويندو جتي مٿس ڪيس داخل آهن. پشاور پوليس جڏهن کيس مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ته عدالت پوليس کي رمانڊ ڏيڻ بدران کيس 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. هوڏانهن محسن داوڙ، علي وزير، اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ، پيپلزپارٽي جي فرحت الله بابر پريس ڪانفرنس ڪندي سندس گرفتاهي جي مذمت ڪندي پوري ملڪ ۾ پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. هنن چيو ته هڪ ڪمزور ۽ ڪوڙي ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هو جلد ضمانت تي ٻاهر ايندو. هنن چيو ته حڪومت جي اهڙين حرڪتن سبب پي ٽي ايم وڌيڪ مضبوط ٿيندي.هنن چيو ته منظور پشتين جي گرفتاري سان سندن تحريڪ کي هٿي ملندي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته اسانکي پرامن طريقي سان پنهنجي حقن جي جدوجهد جي سزا ٿي ڏني وڃي.

ياد رهي ته پي ٽي ايم قبائلي علائقن ۾ جار جنگ ۽ فوجي آپريشن بعد متاثره علائقن مان بارودي سرنگون ختم ڪرڻ، ماورائي عدالت قتل بند ڪرڻ، جبر ي گمشدگين ۽ قبائلي علائقن ۾ ترقي لاءِ قائم ڪيو ويو هو. هو فوج کي قبائلن جي ڪافي مسئلن جو ذميوار قرار ڏيندا رهيا آهن ۽ فوج مٿن الزام هڻندي رهي آهي ته هو پرڏيهي طاقتن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن. پي ٽي ايم جا 2 ايم اين اي آهن محسن داوڙ ۽ علي وزير جن کي گذريل سال گرفتار به ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو