منشيات ۽ مهانگائي خلاف قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج،ڌرڻو

منشيات ۽ مهانگائي خلاف قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج،ڌرڻو

گهارو (ن س) قومي عوامي تحريڪ طرفان ضلعي ۾ وڌندڙ منشيات خلاف ريلي ڪڍي قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويو. ضلعي ٺٽي جي صدر شبير ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ سميت سنڌ ۾ وڌندڙ مهنگائي. عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هڪ پاسي سنڌي ماڻهو ٻوڏ جي ڪري اڃان پنهنجا گهر نه ٺاهي سگهيا آهن. فصل تباہ ٿي ويو اڃان روڊن تي خيمن تي ويٺل آهن ٻئي طرف ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. حڪمران پنهنجي عياشين ۾ پورا آهن پر عوام جو ڪنهن کي به احساس ڪونهي.. ياسر جاکري چيو ته بدامني ۽ منشيات عام ٿي وئي آهي ضلعي ٺٽي خاص طور تي گهاري شهر ۾ گٽڪو سرعام ملي رهيو آهي. نوجوان نشي جا عادي ٿي ويا آهن پر انتظاميه جي ڪن تي جون ب نٿي سري آخرڪار نوجوان نشي جي عادت پوري ڪرڻ لاءِ چوريون ٿو ڪري. ۽ بدامني جو مين ڪارڻ نشي جي عام واهپي جي ڪري ٿئي ٿو.ريلي گهارو گولائي کان ٿيندي مين بس اسٽاپ ٽائون ڪميٽي گهارو جي اڳيان مين نيشنل هائي وي تي ڌرڻو هنيو ۽ اڳواڻن جي خطاب ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو