لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله منشيات ڪيس ۾ مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏئي ڇڏي. لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ راڻا ثناءُالله جي خلاف منشيات ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ گهرو وزير عدالت جي آڏو پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته منشيات رکڻ ڏوهه آهي ۽ منشيات ملي ته ان مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو آهي جڏهن ته منشيات اسمگلنگ سان گڏ سرڪاري اهلڪار کي ڪم کان روڪڻ به ڏوهه آهي. پراسيڪيوٽر چيو ته چالان جمع ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ جوابدار مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ گهرجي. اسان جا 15 گواهه آهن جيڪي الزام جي توثيق ڪن ٿا. اسان جي ڪيس ۾ ڪيميڪل ايگزامن رپورٽ به موجود آهي. ان ڪري اسان جي شهادتن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.پراسيڪيوٽر پنهنجي موقف ۾ چيو جوابدارن خلاف فارنزڪ ۽ دستاويزي ثبوت ڪيميڪل تجزياتي رپورٽ سان هڪ جهڙائي رکن ٿا. فرد جرم جي سطح تي سمورن ثبوتن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي راڻا ثناءُالله جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته منهنجي موڪل کي حاضري کان مڪمل ڇوٽ ڏني وڃي ڇو ته هو هو مصروفيتن سبب هر تاريخ تي پيش نٿو ٿي سگهي. راڻاثناءُالله ڪيس ۾ مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي جنهن تي عدالت سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.










