منشيات جي سرعام وڪري خلاف شهرين جو احتجاج

مورو (اياز سولنگي) شھرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران شھر ۾ سرعام منشيات جي وڪري خلاف گچيرو روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب پھتي جتي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ماجد سھتو، عبدالجبار ڪورائي، شان علي سولنگي، روشن چانڊيو، فيضان آرائين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مورو پوليس جي سرپرستي ۾ شھر ۾ هر هنڌ هيروئن، ڀنگ، چرس، ڪچو شراب ۽ نشي آور سوپاريون سرعام وڪرو ٿي رهيون آھن جنهن ڪري نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آھي ۽ انهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آھن ان کان علاوهه اسڪول ويندڙ شاگرد ۽ معصوم ٻار به منشيات جي ور چڙھي منشيات جي اڏن تي ويھن ٿا. هنن آءِ جي سنڌ پوليس، آر پي او حيدرآباد، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد سميت ٻين وس وارن عملدارن کي پر زور اپيل ڪئي آھي ته مورو مان منشيات جو خاتمو ڪيو وڃي منشيات فروشن کي قانوني گرفت ۾ آڻي نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو