منافع بخش ادارن جي نجڪاري خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) گڊو ٿرمل پاور هائوس جي مجوزه نجڪاري خلاف مرڪزي يونين جي سڏ تي خميس ڏينهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا ملازمن احتجاج ڪيو. ***گڊو مان فرحان قريشي موجب چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي آفيس آڏو سوين ملازمن ريجنل چيئرمين شمس الدين سولنگي، خادم بوهڙ، سليم ڀٽو، اي ڊي ملڪ، نياز سومرو، نوازعلي ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلسو ڪيو ويو.

جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گڊو ٿرمل پاورهائوس منافعي بخش ادارو آهي موجود حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت اڳ ئي واپڊا جي رهائشي ڪالوني ۽ ٻيا اثاثا مختلف بئنڪن ۾ گروي رکي چڪي اهي، هاڻي هن منافعي بخش اداري کي وڪرو ڪري رهيا آهن، گڊو ٿرمل پاورهائوس سالانو ڪروڙين روپيه منافعو ڏئي ٿو گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت گڊو ٿرمل پاورهائوس جي هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو عمل ڪنهن به ريت برداشت نه ڪنداسين. ***ڪشمور مان اصغر علي چانڊيو  موجب ھائيڊرو يونين  پاران سب ڊويزن آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

يونين اڳواڻن غلام ياسين کوسو، بشير باجڪاڻي، عزيز باجڪاڻي حافظ رضا دايو ۽ ٻين يونين اڳواڻن ۽ سب ڊويزن آفيس آڏو قومي ادارن جي امڪاني نجڪاري خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ***لاڙڪاڻو مان وحيد ابڙو موجب ليسڪو، آئيسڪو ۽ گڊو ٿرمل پاوراسٽيشن سميت ٻين تمام ادارن جي نجڪاري خلاف آپريشن سرڪل آفيس لاڙڪاڻي کان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.  اڳواڻن نثار احمد شيخ، عبدالله سومرو، محمد هاشم گاد، محمود پٺاڻ، علي محمد جتوئي، ارباب جتوئي ۽ ٻين چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي چتاءُ ٿا ڏيون ته ملڪ جي قومي ادارن کي خانگائڻ وارو عمل فوري طور تي بند ڪيو وڃي. ***گهوٽڪي مان سليم ڪلهوڙو موجب سيپڪو ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري آفيسن جي تالا بندي ڪري  واپڊا آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو.

اڳواڻن لالا محمد عٽمان پٺاڻ ، رياض عباسي ، ربنواز ڪلوڙ ، عبدالرئوف ڪولاچي، ولي محمد ابڙو ۽ صفدر ملڪ چيو ته وفاقي سرڪار پاران منافعي بخش ادارن جي نجڪاري ملازمن جو معاشي قتل آهي.*** مٺي مان لياقت نھڙيو موجب مٺي ۾ واپڊا جي نجڪاري خلاف  حيسڪو ملازمن  ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري آفيس جي تالا بندي ڪري ڇڏي.

يونين اڳواڻن غلامرسول راھمون، نرمل داس، حڪمون مالھي، سوائي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ نجڪاري کي قبول نه ڪيو ويندو. *** ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب ملازمن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي يونين جي اڳواڻن جمال الدين ٻرڙو،شبير احمد کوسو،عبدالستار لاشاري،غلام حيدر،عبدالجبار سومرو،سعيد سرڪي،عزيز جعفري،آصف ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

***ميرپور ماٿيلو مان ظھير وسير مطابق سيپڪو هائيڊرو  واپڊا جي اڳواڻن نظير جلباڻي بشير ڪورائي مظفر سومرو هادي بخش بوزادر روزاني سنڌ يار سان ڳالھائيندي چيو ته اسين تالابندي ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي آهي. گڊو ٿرمل پاور پلانٽ جي نجڪاري جو اعلان مزدور دشمني آهي. *** خيرپور ناٿن شاھ  مان وفا معشوق علي کوکر موجب واپڊا ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري آفيسن جي تالا بندي ڪري  واپڊا آفيس کان ايوان صحافت پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو.

يونين اڳواڻن ظفر ساريو،  ظھير احمد گاڏھي، حفيظ نواز جوکيو ، نديم پٺاڻ، امداد چانڊيو، ۽ سعيد چانڊيو چيو ته وفاقي سرڪار پاران منافع بخش ادارن جي نجڪاري غير قانوني آهي. ***ميھڙ مان غلام حسين پنھور موجب ميھڙ ۾ واپڊا ھائيڊرو يونين پاران سعيد ڪلھوڙو، حسين بخش جتوئي ، فھيم شيخ، ملوڪ ٻٻر، شاھد جانوري، صالح عباسي، ممتاز شيخ ، ممتاز شيخ، ممتاز ٻرڙو ، زاھد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس کان ٻيٽو اسٽاپ تائين ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو.

۽ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف سخت نعريبازي ڪئي.***ٽنڊومحمدخان مان لال بخش سٺيو موجب مطالبن جي مڃتا لاءِ  مرڪزي اڳواڻن جي حڪم تي سب ڊويزن چئيرمين سجاد علي سٺيو جنرل سڪريٽري نظير مگسي وائيس چئيرمين منير احمد ڀرڳڙي جوائنٽ سڪريٽري شاھنواز ترڪ جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو نجڪاري نا منظور، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪيو،  ڊيلي ويجز ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو