ممتاز ڳورڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ممتاز ڳورڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ايس يو پي ٽائون سن طرفان ڪوٽڙي جي مقتول اڳواڻ  شھيد ممتاز علي ڳورڙ  جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪارڪنن  شاهي بازار مان ريلي ڪڍي سائين جي ايم سيد چوڪ تي احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪري ڪوٽڙي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن لطيف پهنور انور مڱڻھار امام الدين ڇڇر عنايت الله شاهاڻي شبير گراڻو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو شھيد ممتاز علي ڳورڙ کي قتل ٿئي ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي  جوابدار ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ سرعام گوليون هڻي کيس بي دردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا پر ڪوٽڙي پوليس ڪيس ۾گهربل مکيه جوابدار بهادر ڳورڙ کي بااثرن جي سفارش تي ڪيس مان خارج ڪري آزاد ڪري ڇڏيو  ايس ايس پي ڄامشورو به جوابدار جي ونگار وهي کين گرفتار ڪرائڻ لاء تيار ناهي   ايس ايڇ او ڪوٽڙي جوابدارن جو ساٿاري بڻيل آھي جنهن سبب جوابدار بي خوف ٿي شھيد ممتاز جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ مرحليوار تحريڪ جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو