ملڪ ۾ گهٽ پر دنيا ۾ وڌيڪ پاڪستاني ڊرامن جي تعريف ٿئي ٿي

ملڪ ۾ گهٽ پر دنيا ۾ وڌيڪ پاڪستاني ڊرامن جي تعريف ٿئي ٿي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي نامور سينئر اداڪار فيصل قريشي پنهنجي ئي انڊسٽري جي ڪجهه فنڪارن کان ناخوش نظر اچي رهيا آهن.
فيصل قريشي تازو هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن پاڪستاني ڊرامن بابت ڳالهائيندي شڪايت به ڪئي.
اداڪار چيو ته پاڪستاني چينلن مختلف قسمن جا ڊراما ٺاهيا آهن، جنهن سبب پاڪستاني عوام پنهنجي ڊرامن تي فخر محسوس ڪري ٿي. ٻين ملڪن جا ماڻهو به اسان سان اوتري ئي محبت ڪن ٿا جيتري پاڪستاني مداح ڪن ٿا.
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته مان هڪ نيپالي شخص سان مليس، جيڪو اسان جي ڊرامن جي واکاڻ ڪري رهيو هو. اهڙي طرح بنگلاديش، ڀارت ۽ ترڪيه سميت ٻين ملڪن ۾ به پاڪستاني ڊراما پسند ڪيا پيا وڃن.
سينئر اداڪار شڪايت ڪندي وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ اسان جا ڊراما پسند ڪيا وڃن ٿا، پر پاڪستان ۾ ماڻهو ڊرامن سان صحيح رويو نٿا رکن.
فيصل قريشي هڪ نجي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ پروگرام ۾ شريڪ سينئر اداڪارن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته تنقيد ضرور هئڻ گهرجي، جنهن سان فني شين ۾ سڌارو اچي ٿو، پر حد کان وڌيڪ تنقيد ڪري ڊرامو خراب نه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو