اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ راجه ناصر عباس چيو آهي ته ڪڏهن به ملڪ ۾ خرچن کي گهٽ ڪرڻ ۽ آمدني کي وڌائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي. تفصيل موجب علامه راجه ناصر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن گهر جا خرچ آمدني کان وڌيڪ ٿي وڃن ته اهو گهر آٽو ميٽڪ قرضن جي بار هيٺيان دٻجي ويندو آهي، پوءِ اهو گهر پنهنجا اثاثا وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آمدني به خرچن کان گهٽ آهي ڪڏهن انهن جي خرچن کي گهٽ ڪرڻ ۽ آمدني کي وڌائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي. هن وقت پاڪستان جي عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي حڪومت چوي ٿي ته روزاني 280 روپيه ڪمائيندڙ غريب نه آهي. هن چيو ته چوندا آهن ته رياست ماءُ هوندي آهي پر هاڻ اها ماءُ ناهي رهي ، اها پنهنجي ٻارن جو رت چوسي رهي آهي. يوٿ ۾ هن وقت بيروزگاري 30 سيڪڙو آهي پر اصل ۾ اهو معاملو 60 سيڪڙو آهي. جنهن ملڪ ۾ غربت وڌي رهي هجي ماڻهو پڙهيل لکيل نه هجن، اهو ڪهڙو ملڪ بڻجي رهيو آهي، اهي سموريون نشانيون هڪ بيمار حڪومت جون آهن اها حڪومت بي شعور آهي، ائين لڳي ٿو ته حڪومت ڄاڻي واڻي عوام کي جاهل رکڻ چاهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته اها ڪهڙي شخصيت آهي جنهن 280 روپيه ڪمائيندڙ گهراڻي کي غربت کان ٻاهر ڏٺو آهي. حڪمران حقيقتن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ لاءِ تيار نه آهن، هاڻ هر روز غريبن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي انسان پنهنجو علاج به نٿو ڪرائي سگهي. هن چيو ته ڪجهه علائقن ۾ وڃو ته خبر پوندي آهي ته 70 سال اڳ به جيڪو پرائمري اسڪول هو اڄ به اهو پرائمري ئي آهي. اسان پڙهيل لکيل انسان جو معيار اهو رکيو آهي ته جيڪو پنهنجو نالو لکي سگهي اهو پاڻ پنهنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي رهيو آهي.










