ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 104 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوورنا وگهي 104 مريض فوت ٿي ويا،  جڏهن ته 2هزار 869 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 616 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان2هزار869 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 7. 42 سيڪڙو رهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 19هزار210 ٿي چڪو آهي، ۽ ڪورونا متاثر ماڻهن جو تعداد 8 لک 67هزار442 تائين پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو