اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 146 مريض فوت ٿي وياآهن جنهن بعد فوتين جو انگ 18 هزار جي ويجهو پهچي ويو، جڏهن ته 4 وڌيڪ هزار696 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي وياآهن سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ مجموعي ڪيسز 8 لک 25هزار519 تائين پهچي ويوآهي جڏهن ته فعال ڪيسز جو انگ 90553 ٿي ويو آهي، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ ۾ 3هزار344 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا آهن جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 7 لک 17هزاقر009 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 2لک83هزار560 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4هزار645 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن پنجاب ۾ مريضن جو تعداد 3لک03هزار182 آهي ۽ 8هزار500 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ڪري حياتيون وڃائي ويٺاآهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 22هزار369 ۽ فوتين جو انگ 236 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 75هزار498 آهي ۽ هن وقت تائين 683 مريضن فوت ٿي چڪا آهن.










