ملڪ ۾ ڪورونا جا 49 ڪيس رپورٽ، جاني نقصان نه ٿيو،رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا جا 49 ڪيس رپورٽ، جاني نقصان نه ٿيو،رپورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح صرف 0.55 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 49 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 39 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 624 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 73 هزار 690 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 8 هزار 944 ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 7 لک 67 هزار 421 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو