اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وبا سبب گزريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 119 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 18 هزار 429 ٿي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار 587 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 113 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 8لک41هزار636 ٿي ويو آهي. هاڪاري ڪيسز جي شرح 9.17 سيڪڙو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 87 هزار 643، پنجاب ۾ 3 لک 10 هزار 616، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 21 هزار 099، اسلام آباد ۾ 76 هزار 696، بلوچستان ۾ 22 هزار 776، آزاد ڪشمير ۾ 17 هزار 465 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 341 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 84 هزار 480 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 119 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 10 هزار 429 ٿي وئي آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 5 هزار 665 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 7لک38هزار727 ٿي ويو آهي.
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل